01/12/2021
پٽاٽن جي فصل ۾ ايترو پئسو آھي جو توھان کي پئسا ڳڻڻ لاءِ بينڪ مان پئسا ڳڻڻ واري مشين گھرائڻي پوندي پٽاٽا پوکڻ جي تياري ڪيو جنھن ڪڻڪ ناھي پوکي اھو ھاري پٽاٽا ضرور پوکي . پوکڻ جو وقت ۽ طريقو: پٽاٽن جي سڀني جنسن لاءِ پوکڻ جو وقت پهرين آڪٽوبر کان پهرين نومبر آهي. بهار واري فصل لاءِ پوکڻ جو وقت جنوريءَ جو مهينو آهي. هن فصل جي پوک بهار واري موسم ۾ اڍائي فوٽن جي وڇوٽيءَ تي کريا ٺاهي، کرين جي مٿان 9 انچن جي وٿيءَ تي پٽاٽي جو ڳنڍو ڏيڍ کان ٻه انچ اونهون پوربو آهي ۽ ربيع واري موسم ۾ مٽيءَ جو تهه ڪجهه وڌيڪ يعني ٻن کان ٽي انچ اونهو چاڙهبو آهي. پٽاٽن جو فصل سنوت ٿيل زمين تي به پوکي سگھجي ٿو. سنوت يا هموار ٿيل زمين تي ٻن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي قطارن جا نشان هڻي ٻن قطارن جي وچ ۾ پٽاٽن جو اڳ تيار ٿيل ٻج 9 انچ جي وٿيءَ تي رکي، مٿان ڪوڏر يا ڏاندار ذريعي مٽي چاڙهبي آهي. بهار واري فصل جي مٿان ڏيڍ کان ٻن انچن ۽ ربيع واري فصل مٿان تهه ٻن کان ٽن انچن جو چاڙهبو آهي، نه ته ٻج گرميءَ جي ڪري خراب ٿي ويندو آهي. کرين تي فصل پوکڻ ڪري پٽاٽن (Tubers) جي واڌ ويجهه لاءِ تمام گھڻي مدد ملي ٿي ۽ پيداوار سٺي لهي ٿي. تنهنڪري پٽاٽا کرين تي پوکجن. ٻج جو مقدار: پٽاٽن جي سفارش ڪيل جنسن جو ٻج ڪنهن ڀروسي واري هنڌ تان وٺڻ گهرجي. پٽاٽن جو ٻج في ايڪڙ تي 15 مڻ استعمال ڪبو آهي، پر ڪٿي ڪٿي في ايڪڙ ٽيهن مڻ تائين پڻ استعمال ٿئي ٿو. زمين: پٽاٽن جو فصل جلد تيار ٿئي ٿو. پوکڻ کان بعد اٽڪل ٽن مهينن ۾ تيار ٿي وڃي ٿو. تنهنڪري زمين مان خوراڪي جزا به وڌيڪ کڻي ٿو. ان ڪري هن فصل لاءِ طاقت وارين لٽاسين زمينن جي ضرورت پوي ٿي، جن ۾ پاڻيءَ جي نيڪال واري خاصيت موجود هوندي آهي. زمين ۾ وٿاڻ جو ڀاڻ ۽ ڪيميائي ڀاڻ پڻ ڪافي مقدار ۾ استعمال ٿئي ٿو. پٽاٽا زمين ۾ اندر ٺهن ۽ وڌن ٿا. تنهنڪري زمين جي تياريءَ تي پڻ ڪافي توجهه ڏيڻو پوي ٿو ته جيئن پٽاٽن جي فصل مان سٺي پيداوار حاصل ڪري سگھجي. زمين جي تياري: پٽاٽن واري زمين کي پهريان ٻه يا ٽي هر، ڪنر هر سان ڏئي ڀتر ڀڃجن ته جيئن زمين 8 کان 9 انچن تائين اونهي کلي ۽ نرم ٿئي. پوکيءَ لاءِ ٽريڪٽر جي حالت ۾ ضرورت آهر زمين جي تياري ڪجي. فصل پوکڻ واسطي کرين ٺاهڻ کان اڳ هڪ ٻوري سلفيٽ آف پوٽاش ۽ هڪ ٻوري ڊي اي پي يا ٽِي ايس پي ڀاڻ ڇٽي، ديسي هر سان ملائجي. پاڻي، ڀاڻ ۽ گُڏ: پٽاٽي يا ٻج پوکڻ بعد زمين کي پاڻي ڏجي ۽ پاڻي ڏيڻ مهل ان ڳالهه تي ڌيان ڏجي ته جيئن پاڻي کرين جي مٿان چڙهي نه وڃي. هن فصل کي ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پاڻيءَ جي ضرورت پوي ٿي. پهريان ٻه يا ٽي پاڻي هلڪا، پر تڪڙا ڏجن. جيڪڏهن پاڻي کرين جي مٿان چڙهي وڃي ته پوءِ کرين جي مٿان وارو تهه رنبي يا کرپيءَ جي مدد سان ڀڃڻ گھرجي. فصل جي ڄمڻ يا ڦٽڻ بعد پاڻي هر هفتي يا ڏهن ڏينهن کانپوءِ ڏيندو رهجي. جڏهن ٻوٽن ۾ پٽاٽا ٺهڻ شروع ٿين ته پاڻي ڏيڻ ۾ ڪنهن به حالت ۾ ڪوتاهي ڪرڻ نه گھرجي. ٻيءَ صورت ۾ پيداوار تي تمام گھڻو خراب اثر پوندو. گندگاهه جا ٻوٽا ختم ڪرڻ ضروري آهن، ان ڪري فصل جي شروعاتي دور ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا گُڏ ڪجي. جڏهن پٽاٽن جو فصل ڦٽي يا ڄمي ته پوءِ ڪوڏر يا چنجور جي مدد سان کرين جي وچ وارين نالين واري مٽي گُڏيءَ کرين جي مٿان ٻوٽن جي پاڙن تي چاڙهڻ بعد فصل جي پاڙن تي في ايڪڙ هڪڙي ٻوري يوريا ڀاڻ جي ڏيئي، فصل کي پاڻي ڏجي. گھٽ يا ڪمزور فصل ۾ ڀاڻ جو مقدار ضرورت آهر وڌائي سگھجي ٿو. هن فصل جي شروعاتي اوسر تي، ٻوٽن جي پاڙن تي مٽي چاڙهڻ ڪري وڏي هٿي ملي ٿي. جنهنڪري زمين جي اندر پٽاٽن جي ٺهڻ ۽ وڌڻ تي سٺو اثر پوي ٿو ۽ پيداوار ۾ واڌارو ٿئي ٿو. کوٽائي: جنوري۾ پوکيل پٽاٽن جو فصل اپريل کان مئي جي مهينن ۾ کوٽائيءَ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. پيداوار: پٽاٽي جي في ايڪڙ پيداوار تقريبن 300 کان 350 مڻ ٿئي ٿي جيڪڏهن پٽاٽو گھٽ ۾ گھٽ سٺ رپيا ڪلو به ھجي ۽ توھان کي مڻ جا چوويهه سؤ رپيا ملندا تڏهن به توھان کي ايڪڙ مان ٽي سؤ مڻ تي ست لک ويھ ھزار روپيا بچندا توھان پاڻ سوچيو ته نوان پٽاٽا ستر اسي روپيا کا گھٽ ڪون ھلندا آھن. اھا پيداوار وڌ کان وڌ ڀلي کان ڀلي پٽاٽن جي پوک جي آھي جيڪڏھن ان جو اڌ به پيداوار لھي ته پوک مان نقصان ڪونھي.