Village Mureed Khan Kapri

Village Mureed Khan Kapri Here public can see the new activities

اسان ننڍپڻ کان ٻڌندا پيا اچون ته تعليم جي شعبي لاءِ حڪومت پاران اربين رپين جي بجيٽ رکي ويندي آهي. ان کان علاوه ورلڊ بينڪ...
15/08/2026

اسان ننڍپڻ کان ٻڌندا پيا اچون ته تعليم جي شعبي لاءِ حڪومت پاران اربين رپين جي بجيٽ رکي ويندي آهي. ان کان علاوه ورلڊ بينڪ، يونيسيف، جائيڪا، ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن طرفان به گرانٽس ۽ فنڊنگ ملندي رهي آهي، پر ان باوجود اسان جي ٻهراڙين جا اسڪول بهتر نه ٿي سگهيا. سوال اهو آهي ته آخر اهو پئسو ڪيڏانهن ويندو رهيو آهي؟

هاڻي پهريون ڀيرو سنڌ حڪومت ننڍي سطح تي اسڪولن لاءِ سڌي ريت رقم منتقل ڪئي آهي، جنهن کي اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ چيو وڃي ٿو. اسان جي ڳوٺ جي اسڪول کي به تقريبن ڏيڍ لک رپيا مليا هوندا، جنهن مان جيڪي ڪم ڪيا ويا آهن، سي اسان سڀني جي سامهون آهن.

اهو نه سمجهڻ گهرجي ته هر ڪميونٽي، SMC يا اسڪول جو ميمبر بي ايمان آهي؛ پر جيڪڏهن حڪومت جي نيت صاف هجي، فنڊ صحيح نموني سان استعمال ٿين ۽ نگراني جو مؤثر نظام هجي، ته اهي پئسا واقعي اسڪولن جي بهتري تي خرچ ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن رقم صحيح جاءِ تي لڳائي وڃي ته اسڪولن جي حالت ضرور بهتر ٿيندي ۽ ان جو واضح فرق به نظر ايندو.
Sardar Shah
CM Sindh
Cm Sindh Syed Murad Ali Shah
School Education & Literacy Department, Government of Sindh

Village Mureed Khan Kapri

03/05/2026

يُو سي ترڪ علي مري جو ضلع ڪائونسل جو ميمبر ڳولي ڏيو
ترقياتي ڪم ته پنهنجي جاءِ تي پر گذريل 4 سالن ۾ هڪ دفعو به سندس ديدار نه ٿيو.
عرضدار
ڳوٺاڻا
مريد خان ڪپري
غلام علي بروهي
شبير لاکو
اشرف پنجابي
ولي محمد ڪپري

الحمدلله اسان جي ڳوٺ مريد خان ڪپري ۾ ترقياتي ڪم تيزيءَ سان جاري..
29/12/2025

الحمدلله
اسان جي ڳوٺ مريد خان ڪپري ۾ ترقياتي ڪم تيزيءَ سان جاري..

Address

Village Mureed Khan Kapri
Mirpur Khas
69000

Telephone

+92 331 2879998

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Village Mureed Khan Kapri posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Village Mureed Khan Kapri:

Shortcuts

Share