18/03/2024
اسلام عليڪم
توھان جپسم بابت پڙھيو ٻڌو ھوندو مگر اڄ توھان کي جپسم بابت تفصيل سان ٻڌائينداسين تہ جپسم جو اصل ڪم ڇا آھي ڪيئن ڪم ڪري ٿو وغيره وغيره 👇
جپسم جي استعمال سان ڪاري ء اڇي ڪاري ڪلر کي ڪيئن ختم ڪرء سگھجي ٿو ء زمين م نمي کي برقرار رکي ان کي سلفر ء ڪيلشيئم فراھم ڪري ٿو
ڪيترو استعمال ڪجي👇
ھر 3 سالن بعد في ايڪڙ م جپسم ھڪ ٽن يعني 25 مڻ استعمال ڪجي
ڇا جپسم ء چن جي پٿر جو ساڳيو ڪم آھي👇
چن جي پٿر م ڪيلشيئم ڪاربونيٽ ھوندو آھي جنھن کي جپسم جي متبادل طور استعمال نٿو ڪري سگهجي
اثرات👇
جپسم پاڻي م حل پذير آھي ھي آھستي آھستي پاڻي م حل پذير ٿي ويندو آھي ء 3 سالن تائين پنھنجو ڪم ڪندو رھندو آھي
ٻيو ڪھڙو ڪم اٿس👇
جپسم زمين جي حالت بھتر ڪرڻ لاء استعمال ڪيو ويندو آھي ھي زمين کي نرم ڪري سختي گھٽ ڪري ٿو ء پاڙ تائين پھچ رکي ٿو خوراڪي جزن جي دستيابي کي وڌائي ٿو
ڪيئن خبر پوي تہ جپسم ڪم ڪري پيو يا نہ👇
جپسم جي استعمال کان پوء زمين جي حالت تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويندي آھي پاڻي جذب ٿيڻ جي صلاحيت وڌي ويندي آھي سختي گھٽجي ويندي آھي ء في ايڪڙ جي پيداوار م اضافو نظر ايندو آھي
زمين جي زرخيزي م اضافو ڪيئن ڪجي👇
ان لاء تمام ضروري آھي تہ وٿاڻ جو ڀاڻ استعمال ڪجي ان سان برسينگ جنتر گوار جن کي سائو ڀاڻ پڻ چئجي ٿو انھن جي پوک ڪجي استعمال ڪجي ملچنگ ڪجي
پاڪستان م سٺي ڪوالٽي جو جپسم ڪٿي ملي ٿو👇
پنجاب جي مختلف علائقن جھڙوڪ خوشاب ڊيرا غازي خان ء ڪيوڙہ تونسہ ء ميانوالي م سٺي ڪوالٽي جو جپسم ملي ٿو
ڇا سنڌ م جپسم ملي ٿو👇
سنڌ م جپسم پڻ پنجاب کان گھرايو ويندو آھي البتہ ڪجھ ذريعن مطابق تہ ٺٽي ء روھڙي م جپسم موجود آھي مگر ان جي ڪوالٽي ڪجھ گھٽ آھي سنڌ م جپسم وڪرو ڪندڙ ڊيلر ان م چن جي ملاوٽ ڪن ٿا جنھن سبب سنڌ جو آبادگار جپسم پنجاب کان گھرائي ٿو
اصل نقل جپسم جي سڃاڻپ👇
اصل جپسم صاف اڇي رنگ جو هوندو آھي تہ ملاوٽي ء نقل بوسڪي رنگ جو هوندو آھي انڪري ان م چن ملائي کيس اڇو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي
اميد تہ اڄوڪو مضمون توھان کي پسند آيو ھوندو
چونڊ - انجينئر محمد جميل لغاري / سانگھڙ