14/03/2025
درياهن جو عالمي ڏهاڙو هر سال 14 مارچ تي ملهائجي ٿو، جنهن جو مقصد پاڻي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ، درياهن جي تحفظ تي زور ڏيڻ، ۽ قدرتي وسيلن جي بچاءَ لاءِ عالمي سطح تي شعور بيدار ڪرڻ آهي. سنڌو درياهه، جيڪو سنڌ جي ساهه، سڃاڻپ، ۽ زنده رهڻ جو ذريعو آهي، غير فطري رياست پاڪستان جي ظالماڻين پاليسين سبب شديد بحران جو شڪار آهي.
سنڌوءَ جو وهڪرو روڪڻ، پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ، ۽ مسلسل ناانصافيون سنڌ جي زراعت، ماحول، ۽ ماڻهن لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻجي رهيون آهن. خاص طور تي سنڌو درياهه مان نيون 6 واهون (ڪينال) ٺاهڻ ناقابلِ قبول آهن، ڇو ته اهي سنڌ جي پاڻيءَ تي حتمي ڌاڙو آهن. .
سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) مسلسل سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن جي دعويٰ ڪندي رهي آهي، پر عملي طور تي هنن سنڌ جي مفادن کي نظرانداز ڪندي وفاقي حڪومت جي پاليسين کي ساٿ ڏنو آهي. سنڌو درياهه مان نيون 6 واهون ٺاهڻ جو منصوبو سنڌ جي زراعت، ماحول، ۽ لکين ماڻهن جي زندگين لاءِ وڏي تباهي آهي، پر سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت يا ته خاموش تماشائي بڻيل آهي يا وري اڻ سڌيءَ طرح ان جي حمايت ڪري رهي آهي.