09/06/2023
اڄ بہ سنڌ جا قديمي ڳوٺ گھمي اچو تقريبن اوطاق سان گڏو گڏ اوھان کي مسجد ضرور ملندي .
باقي اڄ ڪلھ جا نالي جا سنڌي ، ڪوڙا ، لٻاڙي ، ٺڳ ، ڦوڪر ، دين بيزار ، دھريا ، ملحد ، نماز، نمازين ، ۽ مسجدن تي شاعريون ڪري چٿرون ڪرڻ وارا ، مسلم سماج ۽ مذھب اسلام سان عداوت رکڻ وارا ، راجہ ڏاھر کي پنھجو قومي ھيرو مڃڻ وارا ،
کڻي ايئن چئجي تہ مايون نچائي مال ڪمائڻ وارا ، جئي سنڌ جي نالي تي مسڪينن جا ٻچا مارائي ، ڪونج جھڙين وَنِيُن جا ڪونڌر مڙس ڪھائي ، ڦوھ جوانئ کي پھتل ڀينرن جا ڀائر مارائي ،
انھن جي خونن جا سستا سودا ڪري پنھجا بَڀُ ڀري ، پنھجي ڄِڀ سان سادڙي سنڌي ماڻھن جي سامھون ويھي ڪوڙيون ٻٽاڪون ھڻندا تہ..!!
مرسون مرسون سنڌ نہ ڏيسون ..
جيئ سنڌ ، جيئ سنڌو ديش 🔥🔥