01/02/2025
چائنا ڊیپ سیڪ (Deep Seek)نالي آرٽیفیشل انٽیلجنس جي ایپلیڪیشن ٺاھي سڄي دنیا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏیو آھي۔
چيني اي آءِ چيٽ بوٽ “ڊيپ سيڪ” مارڪيٽ ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي
آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپنين جا شيئرز اوچتو گهٽجي ويا آهن، ڇاڪاڻتہ هڪ چيني مصنوعي ذهانت (AI) ڪمپني هڪ گهٽ خرچ وارو چيٽ بوٽ لانچ ڪيو آهي.
ڊيپ سيڪ ايپ، جيڪا گذريل هفتي لانچ ڪئي وئي هئي، پنهنجي مقابلي ڪندڙن، بشمول چيٽ جي پي ٽي، کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي ۽ آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائونلوڊ ڪيل مفت ايپ بڻجي وئي آهي.
چپ ٺاهيندڙ ڪمپني “نيويڊيا” جا شيئرز 10 سيڪڙو گهٽجي ويا، جڏهنتہ “مائڪروسافٽ” ۽ “ميٽا” جا شيئرز پڻ سومر تي آمريڪي مارڪيٽ ۾ گهٽ سطح تي اچي ويا.
رپورٽن موجب، هي چيٽ بوٽ پنهنجي مقابلي ڪندڙن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ خرچ تي تيار ڪيو ويو آهي، جنهن سان آمريڪا جي اي آءِ برتري ۽ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي مستقبل تي سوال اٿاريا پيا وڃن.