Climate Education In Sindhi

Climate Education In Sindhi سنڌ کي جديد دنيا سان ڳنڍڻ جي ھڪ ننڍي ڪوشش
ھن پيج مقصد موسمياتي تبديلي متعلق سنڌي ٻولي ۾ ڄاڻ ڏيڻ آھي

26/03/2025

2 فيبروريءَ تي سڄي دنيا ۾ آبگاهن (ڍنڍن، ڍورن) جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو، اسين اُن موقعي تي پنهنجي درياهہ جو مطالبو سڄي...
01/02/2025

2 فيبروريءَ تي سڄي دنيا ۾ آبگاهن (ڍنڍن، ڍورن) جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو، اسين اُن موقعي تي پنهنجي درياهہ جو مطالبو سڄي دنيا آڏو پيش ڪنداسين.
سڀني سنڌ واسين کي سڀاڻي ٽوئيٽر ٽرينڊ ۾ شامل ٿيڻ جي گذارش ڪجي ٿي.
ٽرينڊ ٽائيم صبح 11 کان رات 10 وڳي تائين.

ماڪ قدرتي نظام جو حصو آھي پر  (سموگ) ماڪ ۽ فضا ۾ موجود ماحول دشمن مادن ڪري وجود ۾ اچي ٿيجيڪا انسان جي صنعتي سرگرمين جو ن...
13/11/2024

ماڪ قدرتي نظام جو حصو آھي پر (سموگ) ماڪ ۽ فضا ۾ موجود ماحول دشمن مادن ڪري وجود ۾ اچي ٿي
جيڪا انسان جي صنعتي سرگرمين جو نتيجو آھي ۽ انساني صحت کي ڪافي ناڪاري اثر وجھي ٿي

ڪلائمٽ اسٽرائيڪ سنڌ 8 نومبر 2024ڪلائمٽ اسٽرائيڪ جو مقصد ۽ طريقيڪار ڪلائمٽ اسٽرائيڪ يا ماحولياتي احتجاج جو مقصد سال ۾ گهٽ...
01/11/2024

ڪلائمٽ اسٽرائيڪ سنڌ 8 نومبر 2024

ڪلائمٽ اسٽرائيڪ جو مقصد ۽ طريقيڪار

ڪلائمٽ اسٽرائيڪ يا ماحولياتي احتجاج جو مقصد سال ۾ گهٽ گھٽ ھڪ دفعو ھڪ اھڙو احتجاج رڪارڊ ڪرائيڻ آھي ته جئين سنڌ جي عام ماڻھن توڙي اسٽيڪ هولڊرز تائين اھا ڳالھه پھچائي سگھجي ته ماحولياتي تبديلي ھن صدي جو وڏي ۾ وڏو سچ دھشتگردي کان به خطرناڪ مسئلو آھي جنھن ڪري سنڌ تمام گهڻو ڀوڳيو آھي ۽ جي ائين ئي اسان اڻڄاڻ رھياسين ايندڙ سال وڌيڪ ڏکيا ثابت ٿيندا

ھڪ عالمي رپورٽ موجب پاڪستان دنيا جي انھن ڏھن ملڪن مان ھڪ اھي جيڪي ماحولياتي تبديلي کان سخت متاثر ٿي رھيا آھن ۽ سنڌ ۽ بلوچستان پاڪستان ۾ وري سڀ کان متاثر ٿي رھيا آھن.

پر اسانجو ھن موضوع تي ڌيان فقط سخت گرم ڏينھن يا ٻوڏن دوران ٿيندو آھي ھن موضوع تي عوام جو مستقل مزاجي سان توجه ڏيارڻ لا ڪلائمٽ اسٽرائيڪ سنڌ جي عنوان سان اسان سڄي سنڌ ۾ پرامن ۽ ڄاڻائيتا احتجاج رڪارڊ ڪرائيڻ چاھيون ٿا

ڪلائمٽ اسٽرائيڪ ۾ جو ھرگذ مقصد روڊ رستا توڙي بازارون بند ڪرڻ ناھي بلڪه اھو احتجاج انھن سمورن طريقن کان مختلف ھوندو
ڪلائمٽ اسٽرائيڪ حوالي سان 8 نومبر 2024 جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آھي ، جنھن تي سموري سنڌ ۾ ڪاغذ جي شيٽن تي مختلف ماحولياتي سلوگن تحرير ڪري پريس ڪلبن تعليمي ادارن ٻين جڳهن تي پرامن بنا ڪنھن کي تڪليف ڏيڻ جي ماڻھن کي جاڳرتا ڏيڻ حوالي سان ڪجھ منٽ ڳالھايو ۽ احتجاج ڪيو ويندو

اسان سموري سنڌ واسين کي اپيل ڪيون ٿا ھن ٻرندڙ مسئلي تي اسانجو ساٿ ڏيو ۽ ميڊيا جي دوستن کي عرض آھي ڪلائمٽ اسٽرائيڪ کي پنھنجي اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا ۾ جڳھ ڏيو ته جيئن جڏھن بين الاقوامي سطح ماحولياتي تبديلي جي ڪانفرس ھلندڙ ھجي ته سنڌ جو ڪيس پھچي سگھي.
سنڌ سياسي سماجي جماعتن کي پڻ درخواست آھي ھن حوالي سان پنھنجن پنھنجن ڪارڪنن توڙي ھمدردن کي آماده ڪن ته جيئن سنڌ جو ھي پيغام وڌ کان وڌ اڀاري سگھجي

ڪلائمٽ اسٽرائيڪ سنڌ 8 نومبر تي ڪئي ويندي
سمورن سنڌ واسين کي سھڪار جي درخواست ڪجي ٿي

دنيا لاءِ موسمي تبديلي جو سڀ کان وڏو خطرو: گرمي پد ۾ واڌ پوري دنيا ۾ گرمي پد ۾ واڌ، برفاني تهن جي ڳرڻ ۽ سمنڊن جي سطح وڌڻ...
06/10/2024

دنيا لاءِ موسمي تبديلي جو سڀ کان وڏو خطرو: گرمي پد ۾ واڌ پوري دنيا ۾ گرمي پد ۾ واڌ، برفاني تهن جي ڳرڻ ۽ سمنڊن جي سطح وڌڻ سان قدرتي آفتن جهڙوڪ ٻوڏن، طوفانن ۽ خشڪ سالي جو خطرو وڌائي رهي آهي. جيڪڏهن دنيا تڪڙا ۽ گڏيل قدم نه کنيا، ته انساني حياتي ۽ ماحوليات لاءِ تباهه ڪن اثر سامهون اچي سگهن ٿا.

کنوڻ ( وڄ ) جي چمڪ دوران ڄاڻڻ لاءِ شيون: ڇا کان بچڻ گهرجي:- وھنجڻ يا پاڻي سان ڪنهن به قسم جي رابطو ڪرڻ- اوچائي وارا علائ...
11/07/2024

کنوڻ ( وڄ ) جي چمڪ دوران ڄاڻڻ لاءِ شيون:

ڇا کان بچڻ گهرجي:
- وھنجڻ يا پاڻي سان ڪنهن به قسم جي رابطو ڪرڻ
- اوچائي وارا علائقا ۽ کليل جايون
- اڪيلا وڻ
- ڌاتو جون شيون جهڙوڪ بجليءَ جا ٿنڀا، مشينري ۽ بجليءَ جا اوزار
- ڇت جي ڇپري هيٺان يا ننڍين عمارتن هيٺ پناھ وٺڻ
- دروازن ۽ دريين جي ويجھو بيهڻ
- هينڊ سيٽس ۽ اليڪٽرانڪ ڊوائيسز جهڙوڪ ڪمپيوٽر، ٽي وي ۽ ٽيليفون استعمال ڪرڻ (پر ڪورڊ بيس فون ۽ موبائل فون محفوظ آهن)

بهترين طريقي سان پناھ وٺڻ:
- عمارتن ۾ پناھ وٺو
- وڏيون عمارتون
- مڪمل بند ٿيل گاڏين جهڙوڪ ڪارون، ٽرڪون يا وين جيڪي بند درين سان آهن
- گهاٽن وڻن جي ھيٺ ۾ نه بيهو
- جيڪڏھن پناھ دستياب نه ھجي:
کڏن ۾ يا ھيٺين سطح تي پناھ وٺو
- ويٺا رهو، ڪنن تي هٿ رکو ته جيئن گجگوڙ جي آواز کان بچي سگهو
- آخري وڄ جي روشني يا گجگوڙ کان 30 منٽن تائين انتظار ڪريو.

Anthropogenicاھڙيون تبديليون جيڪي انساني سرگرمين ڪري ٿيون ھجن ان کي اينٿروپوجينڪ سڏجي ٿو. تاريخي طور تي ڌرتي جي آبھوا ھز...
08/07/2024

Anthropogenic
اھڙيون تبديليون جيڪي انساني سرگرمين ڪري ٿيون ھجن ان کي اينٿروپوجينڪ سڏجي ٿو.
تاريخي طور تي ڌرتي جي آبھوا ھزارين سالن بعد تبديل ٿيندي آھي پر 18 صدي کان مختلف معدني وسيلن کي ساڙڻ ۽ ٻيلن جي بيتحاشا ڪٽجڻ ڪري ماحول ۾ موجود گيسن جو توازن خراب ٿيو جنھن ڪري عالمي گرمي پد ۾ تمام گھڻو اضافو ٿي رھيو آھي.
ھي انساني سرگرمين ڪري ٿيندڙ تبديلي جو مثال آھن

Nature based Solutionانٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر ( IUCN) قدرتي حل جي وصف ڪجھ ھن ريت ڏني آھي ته"قدرتي يا تبديل ٿ...
06/07/2024

Nature based Solution

انٽرنيشنل يونين فار ڪنزرويشن آف نيچر ( IUCN) قدرتي حل جي وصف ڪجھ ھن ريت ڏني آھي ته"قدرتي يا تبديل ٿيل ماحولياتي نظام جي حفاظت، ۽ بحالي لاءِ کنيل قدم، جيڪي سماجي چيلينجز کي منهن ڏيڻ، مؤثر ۽ موافقت سان، انساني خوشحالي ۽ بائيو ڊائورسٽي کي فائدو فراھم ڪن ٿا

Deforestation انسان زراعت ۽ صنعت جھڙين سرگرمين لاءِ جڳھ ٺاھڻ ڪري وڻن کي ڪٽي ٿو، وڻن جي وڍائي ڪري گرين هائوس گيسن جو وڏو ...
04/07/2024

Deforestation
انسان زراعت ۽ صنعت جھڙين سرگرمين لاءِ جڳھ ٺاھڻ ڪري وڻن کي ڪٽي ٿو، وڻن جي وڍائي ڪري گرين هائوس گيسن جو وڏو مقدار فضا ۾ نيڪال ٿئي ٿو جيڪي بائيو ڊائورسٽي ۽ توڙي آبھوا لاءِ خطرناڪ آھن

ماحول ۾ موسمياتي تبديلي ڪري پيدا ٿيندڙ گرين هائوس گئسن جي مقدار کي گھٽائڻ لاءِ ورتل قدمن کي مٽيگيشن سڏجي ٿو،ھن مراد ماحو...
02/07/2024

ماحول ۾ موسمياتي تبديلي ڪري پيدا ٿيندڙ گرين هائوس گئسن جي مقدار کي گھٽائڻ لاءِ ورتل قدمن کي مٽيگيشن سڏجي ٿو،
ھن مراد ماحول دوست توانائي جي طرف منتقل ٿيڻ ۽ ان تي خرچ گھٽائڻ آھي، صنعتي سرگرمين سبب ٿيندڙ گيسن کي ذخيرو ڪرڻ قدرتي ڪاربان کي کڻندڙ ٻيلن ۽ سامونڊي ماحولياتي نظام کي بهتر ڪرڻ آھي

پلاسٽڪ گدلاڻ موسمي تبديلي  ۾ هڪ اهم ۽ مشھور موضوع آهي. پلاسٽڪ جو غير ضروري۽ گھڻو استعمال ۽ ان جي نيڪال جو مناسب انتظام ن...
01/07/2024

پلاسٽڪ گدلاڻ موسمي تبديلي ۾ هڪ اهم ۽ مشھور موضوع آهي. پلاسٽڪ جو غير ضروري۽ گھڻو استعمال ۽ ان جي نيڪال جو مناسب انتظام نه ٿيڻ سبب، اهو عالمي ماحولياتي بحران بڻجي چڪو آهي. هن گدلاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ھر فرد کي پنھنجي حصي جو ڪم سرانجام ڏيڻو پوندو

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Climate Education In Sindhi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share