10/07/2020
هن پوسٽ کي غور سان پڙھجو
رات حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ هڪ عجيب منظر ڏٺم.
اسٽيج تي بيٺل ڪمپئرنگ ڪندڙ ڇوڪري جڏهن پنهنجي مٺڙي آواز ۾ جڏهن حليم باغي جو شعر ٿي پڙهيو ته پنڊال ۾ ويٺل نوجوانن داد ۾ وڏي آواز ۾ سيٽيون ۽ واھ واھ چوندا رهيا ۽ پو۽ مسلسل باغي، باغي، باغي جا نعرا هڻڻ لڳا عين انهي وقت پنڊال جي اڳين حصي مان ويٺل دانشور لڏي مان ٻه سادا ۽ نماڻا ميرڙا ڪپڙا پاتل پوڙها شخص اٿيا جنهن ۾ هڪ کي هلڪي اڇي ڏاڙهي ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل هئي ٻيو شخص ڪلين شيو هو کين ٻئي پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن جي هجوم مان ٿيندي ٻاهر وڃڻ لڳا اهي شخص جڏهن منهنجي ويجهو پهتا ته ڪلين شيو پوڙهي مون ڏانهن هٿ لوڏي چيو ماما هاڻ هلون ٿا ڳوٺ موڪلاڻي ناهي مون به کيس ٻئي هٿ ادب مان ٻڌي چيو ماما موڪلاڻي ناهي خدا حافظ اهيو ڪلين شيو شخص وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو جو تخليقڪار ماما جمن دربدر هو ۽ کيس ٻانهن ۾ جهليل ٻار وانگي هو ڏاڙهي وارو شخص سنڌ جو ارڏو شاعر جنهن ڄامشوري کي حسن جو هندورو چيو سائين حليم باغي هو پر افسوس انهن نعرا هڻندڙ نوجوانن مان ڪنهن به نه سنڃاتو ڇو ته هن فقير جو نه ڪو ٽيوٽر تي اڪائونٽ آهي نه ئي فيسبڪ تي پنهنجي فيلنگ شيئر ڪرڻ ڄاڻي ۽ نه ئي وري ساڙ سڙي سنڌي ميڊيا ڪڏهن هن سان ڪو پروگرام ڪيو باقي رهيا ٿري ويچا سي آريسر صاحب چوڻي نه ادارا ٺاهڻ ڄاڻڻ نه ادارن جي آڙھ ۾ ٽوپي چمڪائڻ ڄاڻن..
اوهان قوم سان تعارف ڪرائڻ چاهيو ٿا شئير ڪري ڇڏيو
Copied Sindhi channel