21/06/2026
سنڌ وٽ سڀ ڪجهه آهي... سواءِ سوچ جي
خدا سنڌ کي ڪهڙي نعمت نه ڏني آهي؟
زرخيز زمين ڏني، درياهه ڏنا، سمنڊ ڏنو، ڍنڍون ڏنيون، مال ڏنو، مڇي ڏني، ميوا ڏنا، فصل ڏنا، باغ ڏنا، ماکي ڏني، کير ڏنو، ۽ سڀ کان وڏي نعمت — نوجوان ڏنا.
پر سوال اهو آهي ته اسان انهن نعمتن سان ڪيو ڇا؟
اسان وٽ انب جا باغ آهن، پر انبن مان جوس، پلپ، پائوڊر، جيم، چٽڻي ۽ برانڊ ٺاهڻ جي سوچ ناهي.
اسان وٽ کجون آهن ، پر کجن مان عالمي سطح جا پراڊڪٽ ٺاهڻ جي خواهش ناهي.
اسان وٽ کير آهي، پر ڊيري انڊسٽري ٺاهڻ جو جنون ناهي
اسان وٽ ڍنڍون آهن، پر سياحت، مڇي، ماکي ۽ مقامي صنعتن جو خواب ناهي
اسان وٽ نوجوان آهن، پر انهن کي ڪمپني ٺاهڻ، ڪاروبار هلائڻ، برانڊ ٺاهڻ ۽ مارڪيٽ تي قبضو ڪرڻ بدران فضول بحثن، اوطاقن، عشقن ۽ غيبتن ۾ ضايع ڪيو پيو وڃي
اسان جي نوجوانن جي وڏي اڪثريت جي زندگي ڏسو
صبح دوستن وٽ،
منجهند اوطاق تي،
شام ڪنهن جي گلا ۾،
رات ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ جي بحث ۾
ڪو رنن جي پويان، ڪو ڇورن جي پويان،
ڪو ڪنهن کي نيچ ثابت ڪرڻ ۾،
ڪو ڪنهن جي برائي ڪرڻ ۾،
ڪو ڪنهن جي ڪاميابي ڏسي سڙڻ ۾
يعني سڄي توانائي تعمير بدران تباهي تي خرچ ٿي رهي آهي
اسان هڪ اهڙي قوم بڻجي ويا آهيون،
جيڪا پنهنجي وسيلن کي صنعت ۾ بدلائڻ بدران
پنهنجي ماڻهن کي هڪ ٻئي خلاف ڀڙڪائڻ ۾ لڳي پئي آهي
اسان وٽ اوطاقون ته آهن،
پر انهن مان ڪاروباري پلان نٿا نڪرن
اسان وٽ نوجوان ته آهن،
پر انهن مان برانڊ مالڪ نٿا نڪرن
اسان وٽ زمين ته آهي،
پر ان مان فيڪٽريون نٿيون نڪرن
اسان وٽ فصل ته آهن،
پر انهن مان ويليو ايڊيشن نٿي نڪري
پوءِ اسان پڇون ٿا ته پنجاب اڳتي ڇو ويو؟
ٻيا صوبا ڪاروبار ۾ ڇو وڌيا؟
ٻيا ماڻهو مارڪيٽن تي ڇو قابض ٿيا؟
جواب سادو آهي
ڇو ته انهن پنهنجي وسيلن کي ڪاروبار بڻايو،
۽ اسان پنهنجي وسيلن کي رڳو ڳالهين جو موضوع بڻايو
دنيا جون قومون ميون مان ملين ۽ اربين جا برانڊ ٺاهين ٿيون،
اسان اڃا تائين انب کي رڳو ٽوڪري ۾ وجهي منڊي تائين پهچائڻ کي ئي واپار سمجهون ٿا
دنيا جا نوجوان اسٽارٽ اپ ٺاهين ٿا،
اسين اڃا تائين دوستن جي ٽولن ۾ ويهي ماڻهن جون زندگيون ڇنڊڇاڻ ڪري رهيا آهيون
سنڌ جو اصل مسئلو وسيلن جي کوٽ ناهي،
سنڌ جو اصل مسئلو سوچ جي کوٽ، ڊسپلن جي کوٽ، ڪاروباري شعور جي کوٽ ۽ گڏيل مقصد جي کوٽ آهي
جيستائين سنڌ جو نوجوان
غیبت کي مشغلو،
اوطاق کي ڪيريئر،
۽ دوستن جي بي مقصد ڪچهري کي زندگي سمجهندو رهندو،
تيستائين سنڌ جا باغ ته هوندا،
پر برانڊ نه هوندا
فصل ته هوندا،
پر فيڪٽريون نه هونديون
نوجوان ته هوندا،
پر اڳواڻ نه هوندا
هاڻي به وقت آهي
سنڌ جي نوجوانن کي فيصلو ڪرڻو پوندو
هو پنهنجي جواني اوطاقن، عشقن، جهيڙن ۽ غيبتن ۾ ساڙيندو؟
يا انب، کجن، کير، ڍنڍن، مڇي، ماکي ۽ زمين مان نوان ڪاروبار، نوان برانڊ ۽ نئين سنڌ ٺاهيندو؟
سنڌ کي هاڻي صرف نعرا نه گهرجن
سنڌ کي ڪاروباري ذهن گهرجن
سنڌ کي فيڪٽريون گهرجن
سنڌ کي برانڊ گهرجن
سنڌ کي ڊسپلن گهرجي
سنڌ کي جاڳيل نوجوان گهرجن
نه ته ياد رکو
جن قومن وٽ سڀ ڪجهه هوندو آهي، پر سوچ نه هوندي آهي،
تاريخ انهن کي رحم جي نگاهه سان نه، افسوس جي نگاهه سان ڏسندي آهي