Goods Trpt. Owners Association Larkano

Goods Trpt. Owners Association Larkano Goods transport company & agency provided honestly services city larkano and other towns day & nite last 60 years.

لاڙڪاڻو(پريس رليز) گڊس ٽرانسپورٽ اونرس ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي صدر مشتاق احمد عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري احمد رضا شيخ جمعيت علم...
05/01/2025

لاڙڪاڻو(پريس رليز) گڊس ٽرانسپورٽ اونرس ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي صدر مشتاق احمد عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري احمد رضا شيخ جمعيت علماءِ اسلام تعلقي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد الياس چنو جي جاري ڪيل بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته گذريل ٽن هفتن کان ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي حڪم تي نئوديرو چوڪ پوليس چوڪي تي اهو سبب ڄاڻائي گڊس ٽرانسپورٽ جون گاڏيون شام 4 وڳي تائين روڪي سخت پريشان ڪيو پيو وڃي، ٽرانسپورٽ يونين اڳواڻن ايس ايس پي مير روحل خان کوسو سان ملاقات ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته جمعيت علماء اسلام اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو ۽ مولانا ناصر محمود سومرو جي ڪيل شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو وفد جامعه اسلاميه اشاعت القرآن و الحديث لاڙڪاڻو بار بار اهو واضع ڪرڻ لاءِ ويو ته گڊس ٽرانسپورٽر پهريان شهر جي اندر ڪم ڪندا هئا جن کي ٻاهر نئوديرو روڊ تي منتقل ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته مولانا محمد الياس چنو جي واضع ڪيل علائقن صديقي ڪالوني، ايوب ڪالوني، پيرزاده ڪالوني کان پري ٻاهر ۽ هڪ مخصوص حد اندر گڊس ٽرانسپورٽ ڪم ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري ٽريفڪ يا عوام کي ڪا به مشڪل نه آهي ۽ نه هوندي، هنن وڌيڪ چيو ته پي ايس حيدري ۽ پوليس چوڪي جي اهلڪارن کي گڊس ٽرانسپورٽ جي ڪاروبار جي مڪمل ڄاڻ آهي ۽ هو ٽرڪن، ڪنٽينرن کان ڪا به رشوت وصول نه ڪندا آهن ۽ جي يو آئي جي مطالبي کي اسين نيڪ نظر سان ڏسون ٿا هنن جي مطالبي مطابق اگر حڪومت گڊس ٽرانسپورٽرن کي ناڪام ٿيل نئين بس اسٽاپ اندر دڪان الاٽ ڪري ڏنا وڄن يا شهر کان ٻاهر پلاٽ ڏنا وڄن ته اسان کي ٻاهر وڄڻ تي ڪو به اعتراض نه آهي، هنن وڌيڪ چيو ته گڊس جي اڪثر مالڪن کي ڪرائي جا دڪان آهن. هن واضع ڪندي چيو ته جمعيت علماء اسلام اسان جي پنهنجي جماعت ۽ جامعہ اسلاميه اسان جي تاريخي درسگاه آهي جيڪي اسان لاءِ قابل احترام آهن هنن جا اڳواڻ اسان لاءِ قابل عزت آهن اسان هنن کان مطالبو پيا ڪريون ته ايس ايس پي کي سمجهايو وڄي ته گڊس ٽرانسپورٽرن کي بلا جواز تنگ ڪرڻ بند ڪن ۽ معمول موجب گڊس ٽرانسپورٽ جي ٽرڪن کي ڇڏيو وڄي ته ٽرانسپورٽر احتجاج جو رستو ختم ڪري ذميواري سان حدن اندر ڪم جاري رکي سگهن، مسئلو حل نه ٿيڻ سبب سڀاڻي (اڄ) کان مڪمل شٽربند هڙتال ڪري گڊس ٽرانسپورٽ اسٽينڊ اڳيان نئوديرو روڊ تي گڊس ٽرانسپورٽ مالڪ ۽ 400 مزدور ڪئمپ قائم ڪري مسئلي جي حل تائين احتجاج جاري رکندا.

ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو جي زيادتين ۽ جمعيت علمه اسلام جي ڪيل ناانصافين خلاف 6 جنوري بروز سومر کان مڪمل شٽرب...
05/01/2025

ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو جي زيادتين ۽ جمعيت علمه اسلام جي ڪيل ناانصافين خلاف 6 جنوري بروز سومر کان مڪمل شٽربند هڙتال جو سڏ....

01/01/2025
گڊس ٽرانسپورٽ اونرس ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي گڏجاڻي سرپرست اعلي حاجي ممتاز علي ساريو جي صدارت ۾ ٿي گذري جنهن ۾ صدر مشتاق عل...
01/01/2025

گڊس ٽرانسپورٽ اونرس ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي گڏجاڻي سرپرست اعلي حاجي ممتاز علي ساريو جي صدارت ۾ ٿي گذري جنهن ۾ صدر مشتاق علي عباسي، جنرل سيڪريٽري احمد رضا شيخ، امير علي ڀٽو، سيد ڪامران حيدر شاھ، مهر علي کهاوڙ، عبدالحنان ميمڻ، مراد علي شاهه، امداد علي لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو طرفان نئوديرو باء پاس تي گڊس ٽرانسپورٽ جون ٽرڪون، ڪنٽينر ۽ مزدا صبح کان شام تائين روڪڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فيصلو ڪيو ويو ته 6 جنوري کان لاڙڪاڻو جا گڊس ٽرانسپورٽ بند ڪري شهر جي مڪمل سپلائي بند ڪئي ويندي، حاجي ممتاز علي ساريو گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته گڊس ٽرانسپورٽ شهر کان ٻاهر هڪ مخصوص حد اندر ڪم ڪري رهيا آهن، روڊن تي رش ۽ رستا جام ٿيڻ پوري شهر جو مسئلو آهي، مگر مقامي سياسي قيادت، چونڊيل نمائندا يا آفيسر جڏهن هن روڊ تي ٽريفڪ سبب رڪجن ٿا ته گڊس ٽرانسپورٽ جون گاڏيون بند ڪرائن ٿا سينيئر نائب صدر امير علي ڀٽو چيو ته سياسي قيادت ۽ چونڊيل نمائندن کي معلوم هجڻ گهرجي ته ايندڙ گاڏين ۾ شهر جي تمام ڪاروباري دڪاندارن جو سامان هوندو آهي نه ڪي ٽرانسپورٽرن جو اگر انتظامیہ جي زيادتين خلاف چيمبر آف ڪامرس، فيڊريشن آف ٽريڊ يونين ۽ شهر جون يونين اسان سان ٿيندڙ زيادتين تي انتظاميا سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهن ته اسان به هنن جي سپلاء مسئلو حل ٿيڻ تائين بند ڪنداسين.

11/12/2023

ڌرڻي جو سڏ ملتوي ڪيو ويو آهي
ڪيڊٽ حسنين ساريو جي خون سان انصاف ٿيڻ لاء اعلي انتظاميه، ڪاليج انتظاميه ء وارثن طرفان اياز ساريو تي مشتمل انڪوائري ڪاميٽي جوڙي وئي آهي،

اعجاز احمد ساريو صاحب کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون
11/01/2022

اعجاز احمد ساريو صاحب کي جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون

لاڙڪاڻو۔ڊليوري گڊس ٽرانسپورٽ اونرس ايسوسيئشن لاڙڪاڻو جي صدر ايڊووڪيٽ عاشق علي ڪلهوڙو ۽ ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئشن جيلس بازار...
04/07/2017

لاڙڪاڻو۔
ڊليوري گڊس ٽرانسپورٽ اونرس ايسوسيئشن لاڙڪاڻو جي صدر ايڊووڪيٽ عاشق علي ڪلهوڙو ۽ ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئشن جيلس بازار لاڙڪاڻو جي جنرل سيڪريٽري سعيد احمد شيخ جن جي اڳواڻي ۾ مقرر ڪيل وفد جو مشترڪه اجلاس گڊس يونين آفيس ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ آئنده ٻن سالن لاء مزدوري ۽ مقادمي مقرر ٿيڻ ۽ جاري ٿيل خدشات دور ٿيڻ بعد عيد کان پهريان بند ٿيل مال جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔

لاڙڪاڻو (پريس رليز) گڊس ٽرانسپورٽ اونرس/ڊليوري  ايسوسيئشن لاڙڪاڻو جو هنگامي اجلاس صدر ايڊووڪيٽ عاشق ڪلهوڙو جي صدارت ۾ ٿي...
30/06/2017

لاڙڪاڻو (پريس رليز) گڊس ٽرانسپورٽ اونرس/ڊليوري ايسوسيئشن لاڙڪاڻو جو هنگامي اجلاس صدر ايڊووڪيٽ عاشق ڪلهوڙو جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته جيلس بازار جي 5 سالن کان مزدوري ۽ مقادمي نه وڌڻ ۽ باربار ڳالهيون ڪرڻ بعد ناڪام ٿيڻ کان پوء پهرين جولاء 2017 بروز ڇنڇر کان جيلس بازار لاڙڪاڻو جو مال پوري پاڪستان کان ايندڙ جنهن به ڪمپني تي ايندو اهو ڊليوري نه ڪيو ويندو۔
ڪوبه واپاري مزدوري مقادمي ادا ڪرڻ بعد ڪمپني تان مال کڻي وڄڻ لاء آزاد هوندو۔
موسم ۽ حالات کي مدنظر رکندي مال خراب ٿيڻ جي صورت ۾ ڪمپني ذميوار نه رهندي۔
مهر علي کهاوڙ۔
اطلاعات سيڪريٽري۔

19/05/2017

گڈز ٹرانسپورٹرز کی ہڑتال کے باعث کراچی کی بندرگاہ پر مختلف اقسام کی دالوں، مصالحوں، خشک دودھ، چائے کی پتی سمیت دیگر ضروری خوردنی اشیا کے ہزاروں کنٹینرز پھنس گئے۔

اگر ہڑتال مزيد دو روز جاری رہی تو رمضان میں اجناس کا بحران پیدا ہونے کا خدشہ ہے، گڈز ٹرانسپورٹرز کی ہڑتال سے اندرون ملک بھی اشیائے خورونوش کی سپلائی شدید متاثر ہوئی ہے۔

آئندہ 2 روز میں ہڑتال ختم نہ ہونے کی صورت میں رمضان المبارک کے دوران اجناس کا بحران پیدا ہوسکتا ہے جس سے قیمتوں میں بھی اضافے کا خدشہ ہے۔

کراچی کی بندرگاہ پر صرف مسور، چنے کی دال، کابلی چنے کے 700 کے قریب کنٹینرز پھنسے ہوئے ہیں، جن میں چائے کی پتی، خشک دودھ، مصالحوں کے کنٹینرز ملاکر 2500سے زائد کنٹینرز میں ضروری خوردنی اشیاءہیں۔

ٹرانسپورٹ کی ہڑتال سے اندرون ملک بھی اشیائے خورد ونوش کی ترسیل بری طرح متاثر ہورہی ہے اور 95فیصد سپلائی معطل ہے،چھوٹی گاڑیوں کے ذریعے صرف 5 فیصد سپلائی کی جارہی ہے۔

ہڑتال ختم ہونے کے بعد بھی صورتحال معمول پر آنے میں 10سے 12دن لگ جائیں گے اس دوران رمضان شروع ہوجائیں گے اور اشیا کی سپلائی کم اور طلب زیادہ ہونے سے قیمتوں پر بھی اثر پڑے گا۔

پاکستان میں 90فیصد مصالحے درآمد کیے جاتے ہیں، ہڑتال سے پورٹ پر 200سے زائد مصالحوں کے کنٹینرز رکے ہوئے ہیں، ہڑتال جاری رہنے اور رمضان قریب آنے کی صورت میں سپلائی متاثر ہونے کاخدشہ ہے۔

Union office me meeting. Mojoda sorat.e.hal pe gor aur ahm faisly keay gaey hen.
12/03/2017

Union office me meeting. Mojoda sorat.e.hal pe gor aur ahm faisly keay gaey hen.

گڊس ٽرانسپورٽ اونرس ايسوسيئسن لاڙڪاڻو جو اهم اجلاس سرپرست اعلي حاجي ممتاز علي ساريو، صدر ايڊووڪيٽ عاشق عباسي ۽ جنرل سيڪر...
06/03/2017

گڊس ٽرانسپورٽ اونرس ايسوسيئسن لاڙڪاڻو جو اهم اجلاس سرپرست اعلي حاجي ممتاز علي ساريو، صدر ايڊووڪيٽ عاشق عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري احمد رضا شيخ جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا۔
1-ڊي سي لاڙڪاڻو طرفان نيو پنجتني گڊس، جيئي لطيف گڊس ۽ الشهباز گڊس تي جڙتو 25000 هزار في گڊس ڏنڊ ختم ڪري بڪنگ سامان جي آفيسن اڳيان حد مقرر ڪرڻ ۽ لوڊنگ لاء گاڏين جو ٽائيم مقرر ڪيو وڄين۔
2- نئوديرو چونڪ کان باء پاس تائين ڊليوري آفيسن کي حد اندر پورو ڏينهن ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڄي۔
3- بڪنگ ۽ ڊليوري گڊس اسٽينڊن اڳيان پوليس پڪٽ قائم ڪري سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڄي۔
4- اناج منڊي ۽ سبزي منڊي جيان گڊس جون گاڏيون به 4 وڳي لوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڄي۔
5- مطالبا نه مڄڻ جي صورت ۾ 11 مارچ ڇنڇر کان گڊس ڪاروبار بند ڪيو ويندو۔

06/03/2017

گڊس ٽرانسپورٽ اونرس ايسوسيئشن ضلع لاڙڪاڻو لاء نون عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي۔
صدر۔ ايڊووڪيٽ عاشق علي عباسي
سينيئر نائب صدر۔ امير علي ڀٽو
نائب صدر۔ محمد صديق ميمڻ
جنرل سيڪريٽري۔ احمد رضا شيخ
جوائنٽ سيڪريٽري۔ مهر علي کهاوڙ
فنانس سيڪريٽري۔ مشتاق علي عباسي
اطلاعات سيڪريٽري۔ محمد شفيق شيخ
آفيس سيڪريٽري۔ عابد علي ميراڻي
جن کي ٻن سالن لاء مقرر ڪيو ويو۔

Address

Jeay Latif Goods Trpt. Co. Oposite Tayba Restorant Naudero Road
Larka
77150

Telephone

03003411194

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Goods Trpt. Owners Association Larkano posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share