27/05/2024
ڏک تڪليف ۽ صدمي کانپوءِ پنهنجن کي الوداع ڪرڻ انتهائي ڏکيو عمل آهي.
*انال الله وانا اليه راجعون*
ڊليوري گڊس ٽرانسپورٽ ايسوسئيشن لاڙڪاڻو جو بزرگ ساٿي، پوري زندگي هن پورهئي کي ڏيندڙ اسان جو محسن سينيئر ٽرانسپورٽر صديق گڊس ٽرانسپورٽ ڪمپني لاڙڪاڻو جو مالڪ، عبدالحنان ۽ عبدالحماد ميمڻ جن جو والد صاحب.
*حاجي محمد صديق ميمڻ*
چند ڪلاڪ پهريان اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي خالق حقيقي سان مليو آهي،
سندن نماز جنازہ سڀاڻي 28 مئي بروز سومر ڏينهن 7:30 وڳي صبح جو ذوالفقار باغ لاڙڪاڻو ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ تدفين پڻ ذوالفقار باغ لڳ قبرستان ۾ ڪئي ويندي، تڏو جيلس بازار ايم سي بي بئنڪ سامهون سندن رهائشگاھ تي وڇايو ويندو.
*جيئي لطيف گڊس ٽرانسپورٽ ڪمپني لاڙڪاڻو طرفان سندن ڪيل خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۽ وارثن سان اظهار همدردي طور سڀاڻي ڊليوري آفيس بند رکڻ جو اعلان ڪجي پيو*