IqRar Junejo

IqRar Junejo iqrar junejo Poitry

26/06/2023

وايا ٽو جهڏي جي پڙي تي

02/06/2023

ڌاريو هئين تون دلبر توتي ميار ناهي؟
آواز __عباس احمداڻي
نظم __اقرار جوڻيجو

تازو ئي برسات کان پوء فطرت جي فوٽو گرافي منهنجي ڳوٺ ٽوڀاريو جوڻيجا جي ترائي جو هڪ روح پرور ڏيک فوٽو گرافر پيارو دليپ ڪما...
25/03/2023

تازو ئي برسات کان پوء فطرت جي فوٽو گرافي منهنجي ڳوٺ ٽوڀاريو جوڻيجا جي ترائي جو هڪ روح پرور ڏيک
فوٽو گرافر پيارو دليپ ڪمار ڪيسراڻي

گيت شبانہ عالماڻيپَنڌُ ڏُکيرو، آهي ڇا ٿيو؟ ساھُ نہ پنھنجو، ساڻو ٿيندو.                              ناهي پيارُ پُراڻو ٿي...
24/03/2023

گيت شبانہ عالماڻي
پَنڌُ ڏُکيرو، آهي ڇا ٿيو؟
ساھُ نہ پنھنجو، ساڻو ٿيندو.
ناهي پيارُ پُراڻو ٿيندو.

روحُ چوي ۽ راڳُ چوي ٿو،
ڀوري! پنھنجو، ڀاڳُ چوي ٿو،
شامل نينھن، نماڻو ٿيندو.
ناهي پيارُ پُراڻو ٿيندو.

ڪَڇَ ۾ پنھنجي، وائي رهندي،
سَڪَ آ سھُڻي، سائي رهندي،
شاهد وقتُ، هي راڻو ٿيندو.
ناهي پيارُ پُراڻو ٿيندو.

ڪھڙي ڪم جي، تاتِ عقل جي؟
ڀوڳَنِ جهڙي، باتِ عقل جي،
عشق نہ آهي سياڻو ٿيندو.
ناهي پيارُ پُراڻو ٿيندو.

هيڏا سالَ، سڀاڳا گذريا،
ڏک ۽ سک جا، ڏينھن نہ وسريا،
چاھُ مَکَڻَ جو، چاڻو ٿيندو.
ناهي پيارُ پُراڻو ٿيندو.

وھم رهيو ڪو، ناهي مون سان،
دَردُ "شبانہ"، آهي مون سان،
آيل! ڙي، اوراڻو ٿيندو.
ناهي پيارُ پُراڻو ٿيندو.

ڪَڇُ هنڌ وارو جتي راڳي ڀاءُ عارب جَتُ رهي ٿو هي گيتُ ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ کي رپيان ٿي.

__غزل قرب ۾ ڪشالا ڪندو لازمي آٽٽي دل کي ڪهڙو سنڌو لازمي آمري ٿو مصور تدارڪ به ڪونهيساڃھ وند سوچيو چندو لازمي آسَڄو جَڳ ج...
01/02/2023

__غزل
قرب ۾ ڪشالا ڪندو لازمي آ
ٽٽي دل کي ڪهڙو سنڌو لازمي آ

مري ٿو مصور تدارڪ به ڪونهي
ساڃھ وند سوچيو چندو لازمي آ

سَڄو جَڳ جوڙي اَمر سان ڇَڏيائين
خُدا هوندو سَوچيو بَندو لازمي آ

عُمر جي گَهڙي کي اجائي نه ڪر
جيئڻ لئه دُنيا ۾ دَنڌو لازمي آ

محبت جي اوڌر اسان کي ته ڏي
انهي لاء چُمي جو کَنڌو لازمي آ

ڏِسڻ واري اک سان ڏسي ئي نه ٿو
اُنهي کان چَڱو آ اَنڌو لازمي آ

وِڇوڙن پُڄاڻا ٽُٽي ڌار ٿياسين
توهان جيڪو تاڻيو تَندو لازمي آ................****................ اِقرار جُوڻيجو

29/01/2023

ارشد هوٿي جو پيار به ٻنهي اکين جنهن منهنجي هن غزل جادوئي آواز جي صورت بخشي

پورهيتن جو عالمي ڏينهن آئين ۾ اڻ برابري ملڪي مفاد ۾ چڪايل پنهنجي پگهر سان جوڙيل عمارتون ۽ هلندڙ ڪارخاناڪجهه شعرن جو احتج...
01/05/2022

پورهيتن جو عالمي ڏينهن آئين ۾ اڻ برابري
ملڪي مفاد ۾ چڪايل پنهنجي پگهر سان جوڙيل عمارتون ۽ هلندڙ ڪارخانا
ڪجهه شعرن جو احتجاج جيڪي منهنجي مطالعي مان گذري روح اوطاق ۾ لٿل آهن

ڏينهن سارو هن تغاري جي بدن سان راند ڪئي
ڪيئن ويلو ويو آ پئجي گهر جا جارا سوچ ۾
#منظور احمداڻي

مزدور جبل جيڏي هڪ آھ کڻي پهتو
بيمار پٽن جو پيء بيزار گذاري ويو
__مصطفيٰ خاصخيلي

فنا مزدور ٿي ويا هن
رڳو پٿرن جي ياري ۾
___اياز رضوي

Address

Mithi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when IqRar Junejo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share